دعوت اسلام

دعوت اسلام (اخبار): هيءَ اخبار سکر مان ڊسمبر 1928ع ۾ ڊاڪٽر محمد يامين ولد قمر الدين قريشيءَ جي ادارت هيٺ جاري ٿي. هيءَ اخبار پهرين پندرنهن روزه ۽ پوءِ روزاني طور شايع ٿيڻ لڳي. هيءَ اخبار پهرين ’مفيد عام پريس‘ سکر مان، پوءِ ’وڪٽوريا پريس‘ سکر مان ڇپبي هئي. ’دعوت اسلام‘ مسلمانن جي حقن جي ترجماني ڪندڙ اخبار هئي. مسلم ليگ جي سرگرميءَ واري دؤر ۾ هيءَ اخبار مسلم ليگ جي حمايتي اخبار هئي. مسجد منزل گاهه تحريڪ دوران سکر جي ٻين اخبارن سان گڏ سکر جي سٽي مئجسٽريٽ مسٽر ٽي. ٽي. ڪوٺاولا ’دعوت اسلام‘ جي ايڊيٽر ڊاڪٽر محمد يامين ڏانهن متفرقه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ نڪرندڙ هيءَ اخبار رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندي هئي.


لفظ دعوت اسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو